”اسان جي مدرسن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي پر صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون“

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن بابت اعتراضن تي ڪنهن به صورت ۾ غور نه ڪنداسين، 26هين ترميم جي مسودي ۾ ان تي اعتراض نه اٿاريا ويا ته اعتراض ڪرڻ بدنيتي آهي.
نوشهرا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان قديم ۽ جديد تعليم چوڻ جي خلاف آهيان، علم علم آهي، سڀني ديني مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکيو ويو آهي، اسان حڪومت جي نظام ۾ رهڻ چاهيون ٿا ۽ رياست سان تڪرار نٿا چاهيون.
هن چيو پي ڊي ايم حڪومت سان ڊگهي مشاورت سان مدرسا رجسٽريشن تي اتفاق ٿيو هو، 26هين ترميم تي بل پيش ڪيو ويو، اهو بل ايڪٽ بڻجي ويو، هاڻ به پ پ ۽ شهباز شريف سان ڳالهيون جاري آهن پر اسان وڌيڪ مدرسن کي سرڪار حوالي نه ڪنداسين، توهان سمجهو ٿا اسان ٿڪجي پونداسين پر اسان ڄمي بيٺا آهيون.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ديني مدرسن کي انتهاپسندي ۽ شدت پسندي ڏانهن ڌڪي رهي آهي، مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکڻو آهي ته اسان ٻڌائينداسين توهان جو دٻاءُ ٿو هلي يا اسان هو؟ اصل شدت پسند اهي آهن جيڪي ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا، اسان ته پرامن طريقي سان معاملا طئي ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان بندوق کنئي نه ڏنڊو، دليلن سان معاملا طئي ڪيا ۽ ڳالهين کان هاڻ به انڪار نٿا ڪيون، توهان اسان جي برداشت جو امتحان وٺي رهيا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.