”هاڻي چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪرڪيٽ کيڏڻ جي حوالي سان هاڻي ڪجهه چوڻ لاءِ ناهي بچو.
چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ڪپتان، پاڪستان کي نمبر ون ٽي ٽوئنٽي ٽيم بڻائيندڙ سرفراز احمد ٽنهي فارميٽس ۾ گرين شرٽس جي قيادت ڪئي.
هاڻي مينٽور طور چيمپيئنز ڪپ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊولفنز ٽيم سان گڏ آهي، هڪ تقريب دوران صحافي کائنس ڪرڪيٽ کيڏڻ بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” کيڏڻ جي حوالي سان ڪجهه چوڻ لاءِ ناهي بچو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.