ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي سي بي کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جي صورت ۾ اهم مشورو ڏئي ڇڏيو.
شاهد آفريدي ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڪيريئر بابت ڇرڪائيندڙ انڪشافن سميت زندگيءَ جي مختلف رخن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پوڊ ڪاسٽ دوران هن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي جاري ڇڪتاڻ تي پي سي بي کي اهم مشورو ڏنو.
اڳوڻي ڪپتان پي سي بي کي ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ جي صورت ۾ پاڪستان ٽيم کي به ڀارت نه موڪلڻ جي صلاح ڏني.
شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن ڀارت هتي کيڏڻ کان انڪاري آهي ته پوءِ پاڪستان کي به ڀارت ۾ نه کيڏڻ گهرجي.
Prev Post
Next Post
You might also like