ممبي(ويب ڊيسڪ) نوي واري ڏهاڪي جي بهترين ۽ خوبصورت اداڪارا ممتا ڪلڪرني گذريل ڏينهن پنجويهه سالن کانپوءِ واپس آئي هئي ۽ انتهائي جذباتي پيغام به جاري ڪيو هو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ممتا ڪلڪرني تي منشيات جي ايف آءِ آر داخل هئي جنهن کي ممبئي عدالت ثبوت نه ملڻ جي ڪري نيٺ خارج ڪندي اداڪارا کي باعزت بري به ڪري ڇڏيو.
ممتا ڪلڪرني سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ٻڌايو ته هوءَ ٻه هزار ۾ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر وئي هئي، هن وقت تمام جذباتي آهيان مونکي خبر نٿي پئي ته ڪهڙي ريت ان جو اظهار ڪيان. جنهن وقت منهنجو جهاز ڀارتي حدن ۾ پهتو ته مان کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڏسي اکين مان لڙڪ نه روڪي سگهيس. پنهنجي ملڪ کي چوويهه سالن کانپوءِ ڏٺو آهي.
ممتا هڪ خاص ڳالهه ٻولهه ۾ ٻڌايو ته پنجويهه سال ٻاهر رهڻ کانپوءِ هاڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ خوش آهيان، هتي ڪمڀ ميلو ٿيڻ وارو آهي، ان ۾ شرڪت لاءِ آئي آهيان، فلم انڊسٽري ۾ واپسي جي دلچسپي ناهي.
هن ٻڌايو ته بگ بوس ۾ اچڻ جا افواهه به هلن ٿا پر اهڙو ڪجهه به ناهي، جڏهن فلم انڊسٽري ڇڏي ته ان وقت مان ٽاپ اداڪارائن ۾ هيس، ٽيتاليهه فلمن جي آفر هئي، جڏهن اهو ڇڏي ڏنو ته هاڻي فلمن ۾ واپسي به نٿي چاهيان.