راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سياسي قيدين جي آزادي ۽ نوَ مئي ۽ 26 نومبر وارن واقعن جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مطالبو نه مڃڻ جي صورت ۾ 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جي تحريڪ ۽ بائيڪاٽ مهم شروع ڪئي ويندي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته ” سول نافرماني جي تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان بائيڪاٽ مهم جي اپيل ڪئي ويندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ان کان به اڳتي وينداسين.
بيان موجب، تحريڪِ انياف جي اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ عمر ايوب خان علي امين گنڊاپو، صاحبزاده حامد رضا، سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر شامل هوندا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو.
عمران خان جي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ” 13 ڊسمبر تي پشاور ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو، ان ميڙاڪي ۾ اپوزيشن جي سياسي پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.
” مطالبا نه مڃيا ويا ته سول نافرماني جي تحريڪ، بائيڪاٽ مهم هلائي ويندي“ عمران جو پيغام
Prev Post
You might also like