لاهور (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو آهي ته 8 ڊسمبر تائين ديني مدرسن وارو بل منظور نه ٿيو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين.
هڪ بيان ۾ جي يو آءِ جي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدرري جو چوڻ هو ته حڪومت کي ديني مدرسن وارو بل هر صورت ۾ منظور ڪرڻو پوندو، اٺ ڊسمبر تائين بل منظور نه ڪيو ويو ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين.
هن چيو ته هو مذهبي ماڻهو آهن، اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ نٿا چاهين، ملڪ به اهڙي صورتحال برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي.
You might also like