اهم خبر، واٽس ايپ تبديل ٿي رهيو آهي

ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ ظاهري طور معمولي پر انتهائي اهم تبديلي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميٽا واٽس ايپ لاءِ نئين ٽائپنگ انڊيڪٽر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، نئين تبديلي جو مقصد چيٽس دوران رئيل ٽائيم انگيج منٽ کي وڌائڻ آهي.
نئين فيچر مان آءِ او ايس ۽ انڊرائينڊ واهپيدار لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
نئين تبديليءَ کانپوءِ ڪنهن به ون آن ون يا گروپ چيٽ ۾ جڏهن ڪو فرد پيغام لکندو ته ان جو اشارو ٿري ڊاٽ ذريعي ملندو.
ان کان اڳ واٽس ايپ ۾ جڏهن ڪو فرد ميسج ٽائپ ڪندو هو ته ”ٽائپنگ“ لکجي ايندو هو، هونئن ته هي ڪو بيڪار فيچر نه آهي پر ڪمپني جو خيال آهي ته اِهو ڏسڻ ۾ گهڻو سٺو تاثر نه ٿو ڇڏي.
هاڻي نئين تبديلي تحت ٽائپنگ لفظ کي هڪ ببل ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 3 انيميٽڊ ڊاٽس (—) چيٽ اسڪرين ۾ سڀ کان هيٺ نظر ايندا.
ٽائپنگ انڊيڪٽر سان گڏ ٽائپ ڪندڙ واهپيدار جي پروفائيل تصوير پڻ موجود هوندي ته جيئن اوهان کيس سڃاڻي سگهو.
نئين تبديلي اِن ڳالهه کي سولو بڻائيندي ته ڪهڙو ماڻهو ڪهڙي گروپ چيٽ ۾ متحرڪ انداز ۾ حصو وٺي رهيو آهي.
گروپ چيٽس لاءِ اِهو فيچر ڪارائتو ثابت ٿيندو جنهن ۾ پهريان واضح نه هوندو هو ته ڪهڙو واهپيدار پيغام لکي رهيو آهي.
هاڻي هر واهپيدار جو پنهنجو ٽائپنگ انڊيڪٽر هوندو جنهن ذريعي اوهان کي پتو پوندو ته گروپ چيٽس ۾ ڪير حصو وٺي رهيو آهي.
ڪمپني موجب، نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن اندر سمورن واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.