اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مارگله هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن تي سي ڊي اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ مارگله هلز تي غير قانوني اڏاوت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ سي ڊي اي وڪيل ۽ ڊي جي ماحوليات عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران مونال ريسٽورينٽ جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني بئنچ جي حڪم تي سندن ريسٽورينٽ کي ڪِيرايو ويو پر مارگله هلز ۾ اڃا اٽڪل 134 هوٽل، ريسٽورينٽ ۽ ڪيبن قائم آهن، جنهن تي جسٽس جمال مندو خيل چيو ته مارگله هلز پروٽيڪٽڊ ايريا آهي، اتي هر قسم جي اڏاوت کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.
جسٽس مظهر پڇاڻو ڪيو ته هن وقت مارگله هلز تي ڪيتريون غيرقانوني اڏاوتون قائم آهن؟ جنهن تي ميونسپل ڪارپوريشن جي وڪيل ٻڌايو ته مارگله هلز تي 80 کان 132 اڏاوتون باقي آهن جڏهن ته مارگله هلز نيشنل پارڪ ۾ اسلام آباد ڪلب به اچي وڃي ٿو.
ان موقعي تي جسٽس نعيم چيو ته 1960ع جي ماسٽر پلان ۾ سپريم ڪورٽ به مارگله نيشنل پارڪ جي حدن ۾ تعمير ٿيو، سي ڊي اي پهريان مونال جي ڀرپاسي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڏسي وٺي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ جو فيصلو رڳو مونال لاءِ هو؟ عدالت مارگله هلز ۾ اڏاوتن بابت اصول طئي ڪري ڇڏيو آهي، سي ڊي اي پنهنجو ڪم ڇو نه ٿو ڪري؟
جسٽس مسرت چيو ته سي ڊي اي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪري رهيو آهي؟
ڊي جي ماحوليات عدالت کي ٻڌايو ته مارگاله هلز ۾ هن وقت 50 کان وڌيڪ مانڊيون قائم آهن جيڪي مارگله هلز ۾ ماحولياتي مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن، عدالتي حڪمن ۾ مانڊين خلاف ڪارروائي کان روڪيو ويو هو.
آئيني بئنچ سي ڊي اي کان مارگله هلز ۾ غيرقانوني اڏاوتن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
Next Post
You might also like