ڪنڌ ڪوٽ(ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو،فدا محمداڻي،سجاد بروھي،ارصلاح بھلڪاڻي، شاھ علي سھرياڻي، رحمت الله ڇڄڻ، سرور جعفري،سرور گاجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن قومي عوامي تحريڪ کان پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني نوان ڪئنال ڪڍڻ سان پنجاب جي ريگستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿيندي ۽ سنڌ جي سرسبز لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. جنھن سان سنڌ جي معيشت تباھ ۽ برباد ٿي ويندي،هن چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا ۽ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا ته اھا انھن جي ڀل آھي،فدا حسين محمداڻي چيو ته سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي پيپلزپارٽي سنڌ جي آبادگارن جو ھٿ وٺي معاشي قتل ڪرڻ چاهي ٿي