اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس منصور علي شاه خلاف توهين عدالت جو ڪيس اڪلائي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته محتسب طرفان جسٽس منصور کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو ويو ۽ نوٽيس ان وقت جاري ڪيو ويو هو، جڏهن جسٽس منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج هو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته وفاقي محتسب توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ وفاقي محتسب پنهنجي متفرق درخواست به واپس وٺي ڇڏي آهي.
جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو هي ڪيس ته ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ هاءِ ڪورٽ ٻي هاءِ ڪورٽ کي نوٽيس ڪيا.
آئيني بينچ توهين عدالت جو نوٽيس ۽ معاملي تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس ٻئي اڪلائي ڇڏيا.
You might also like