سنڌ ۾ سياري جون موڪلون ڪڏهن کان ٿينديون؟ اعلان ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول 22 ڊسمبر 2024 کان 31 ڊسمبر 2024 تائين بند رهندا، موڪلن کانپوءِ سمورا تعليمي ادارا پهرين جنوري 2025 کان کلي ويندا.
تعليم کاتي اهڙو اعلان اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڪيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن ايندڙ ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.