لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ۾ ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگهيو، رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان سيلون تي وار ٺهرائيندڙ نوجوان حسن علي جيهو کي موٽر سائيڪل تي سوار ٽن اڻڄاتل هٿياربندن اندر گهڙي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو، پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جاچ ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like