ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا خلاف پارليامينٽ ۽ عوام جي مزاحمت سرخرو

سيول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سوڪ ييول ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي، صدر جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ اپوزيشن رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهي، ان ڪري مارشل لا مڙهيو آهي،ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر لي جائي مائيونگ ردعمل ۾ چيو ته پارليامينٽ صدر جي مارشل لا جي حڪم کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي،فوج پارليامينٽ ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي، ميڊيا مطابق پارليامينٽ جو داخلي دروازو بند ڪيو ويو آهي ان جي باوجود ميمبر رڪاوٽون ٽوڙي پارليامينٽ ۾ داخل ٿي ويا،پارليامينٽ مارشل لا ختم ڪرڻ خلاف بل منظور ڪري ورتو آهي ٻئي پاسي هزارين ماڻهو مارشل لا خلاف روڊن تي نڪري آيا،ماڻهو پوليس وين آڏو ليٽي پيا،ڏکڻ ڪوريا جي قانون تهت پارليامينٽ جي اڪثريتي ووٽنگ سان بل منظور ٿيڻ بعد صدر فوري طور تي مارشل لا هٽائڻ جو پابند آهي، پارليامينٽ آڏو مقرر فوجين مان ڪجهه اهلڪار پٺتي هٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته صدر عوامي مزاحمت اڏو هٿيار ڦٽا ڪندي مارشل لا هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪابينا جو اجلاس طلب

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.