لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪر شاهه تاج خان دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ماضيءَ ۾ قومي ڪرڪيٽر شاداب خان سان رومانوي لاڳاپن ۾ رهيا آهن.
پاڪستان جي مشهور ٽِڪ ٽاڪر شاهه تاج خان هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي مختصر وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڪرڪيٽر شاداب سان لاڳاپن جي دعويٰ ڪري رهي آهي.
ٽڪ ٽاڪر چيو ته هوءَ شاداب خان تي فدا هئي ۽ هو سندس ڪرش هو، اِها ڳالهه شاداب به ڄاڻي ٿو، ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي جو سبب به شاداب ئي آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءِ انتها جي حد تائين شاداب خان کي چاهيندي هئي پر جڏهن هن شادي ڪئي ته سندس دل ٽٽي ويئي.
شاهه تاج دعويٰ ڪئي ته ٻنهي ۾ واٽس سان گڏوگڏ انسٽاگرام تي اٽڪل ڇهه کان ست مهينن تائين رابطي ۾ رهيا، سٺا لاڳاپا هئڻ باوجود باجود شاداب هن کي پنهنجي شاديءَ بابت آگاهه نه ڪيو.
You might also like