جي ميل دنيا جي مقبول ترين اي ميل سروس آهي ۽ اڪثر واهپيدار ڪنهن ڪانٽيڪٽ کي غلط ايڊريس فيلڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو جي ميل اينڊرائيڊ ورزن لاءِ گوگل هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو آهي.
اِهو فيچر واقعي واهپيدارن لاءِ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو ۽ ڪمپني جي اعلان کانپوءِ حيرت ٿئي ٿي ته هينئر تائين اِهو واهپيدارن لاءِ دستياب نه هو.
گوگل ورڪ اسپيس جي آفيشل بلاگ پوسٽ ۾ نئين فيچر جو اعلان ڪيو ويو، ڪمپني جو چوڻ آهي ته اينڊرائيڊ جي ميل ايپ ۾ اوهان ڪنهن ڪانٽيڪٽ کي غلط ايڊريس فليڊ ۾ ٽائپ ڪيو آهي ته ان کي ڊليٽ ڪري ٻيهر انٽر ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
يعني جيڪڏهن اوهان To ۾ اُهو ايڊريس شامل ڪيو آهي جيڪو سي سي يا بي سي سي ۾ هئڻ گهرجي ته اِهو ڊيليٽ ڪري ٻيهر ٽائيپ نه ڪريو.
ان بدران اوهان ڪانٽيڪٽ کي آڱر ذريعي ڊريگ ڪري هيٺ سي سي يا بي سي سي ۾ منتقل ڪري سگهو ٿا يا سي سي ۾ موجود ڪانٽيڪٽ کي ٽو ۾ ايڊ ڪري سگهو ٿا.
اِهو فيچر رڳو ورڪ اسپيس جي سبسڪرائيبرز واهپيدارن تائين محدود ناهي پر اِهو جي ميل جي سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.
جيڪڏهن اِهو فيچر اوهان کي به اڃا تائين دستياب ناهي ته پريشان نه ٿيو تمام جلد اوهان اِهو استعمال ڪري سگهندا.
Prev Post
You might also like