ويهه ورهين بعد پاڪستان کي ورلڊ اسڪواش ٽورنامينٽ جي ميزباني ملي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان کي ويهه ورهين بعد ورلڊ اسڪواش ٽورنامينٽ جي ميزباني ملي وئي.
پاڪستان ايندڙ سال اپريل ۾ انڊر 23 اسڪواش چيمپيئن شپ جي ميزباني ڪندو ۽ ورلڊ اسڪواش به ڇهه کان ڏهه اپريل 2025ع تائين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايونٽ ڪرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پهريون ورلڊ انڊر 23 اسڪواش چيمپيئن شپ ۾ 60 هزار ڊالرز جي انعامي رقم ورهائي ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو ڪنهن عالمي اسڪواش ايونٽ جي ميزباني سال 2005 ۾ ڪئي هئي ۽ هاڻي پاڪستان کي ويهه ورهين بعد ورلڊ اسڪواش چيمپيئن شپ جي ميزباني ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.