ملتان (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيم طرفان بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان نه اچڻ تي ورلڊ بلائينڊ ڪائونسل ڀارت کان وومينز بلائينڊ ورلڊ ڪپ جي ميزباني واپس وٺي ڇڏي.ا
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪستان ۾ جاري آهي، جنهن لاءِ ڀارت پنهنجي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جو اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو 26هون اجلاس ملتان ۾ ٿيو، جنهن ۾ 7 ملڪن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڀارت، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جا بورڊ آن لائن شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ تي بحث ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته حالتن جي بهتري تائين پاڪستان ۽ ڀارت جي ميزباني ۾ انٽرنيشنل ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ٿيندا.
اجلاس ۾ پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته 2022 ۾ ڀارت پاڪستان بلائينڊ ٽيم کي ويزا نه ڏني هئي، جنهن سبب پاڪستان ٽيم ڀارت نه وڃي سگهي ۽ ايونٽ کان محروم ٿي وئي، هن ڀيري پاڪستان ميزبان هو ته ڀارت اوچتو اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسان جو ايونٽ متاثر ٿيو.
اجلاس ۾ پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي سخت موقف کانپوءِ ايندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول وومينز بلائينڊ ورلڊ ڪپ جي ميزباني واپس ورتي وئي، گڏوگڏ فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين ٻنهي ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ برقرار آهي، پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سرزمين تي ڪو عالمي ايونٽ نه کيڏندا ته جيئن ڪو مسئلو نه ٿئي.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجا انٽرنيشنل ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرائيندا.
ان کانسواءِ اجلاس ۾ پاڪستان جي سيد سلطان شاهه کي ورلڊ بلائينڊ ڪائونسل جو ايندڙ 3 سالن لاءِ صدر به برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
You might also like