ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد ميگا ايونٽ تي غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن. هڪ پاسي هائبرڊ ماڊل جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سمورو ايونٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري موقف تي ڄميو بيٺو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي ڀارتي حڪومت کي راضي ڪرڻ آءِ سي سي جي نئين چيئرمين جئه شاهه لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي، چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني وارو مسئلو اڃا تائين حل ناهي ڪري سگهيو ، ميگا ايونٽ جي شيڊيول، وينيو ۽ ميزباني بابت ڌرين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ کي ڀائيواري واري معاهدي تي حڪومتي مشاورت کانپوءِ ها يا نه ۾ جواب ڏيڻو آهي، پاڪستان جي موقف سبب آءِ سي سي کي پنهنجي فنانشل ماڊل جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت طرفان دير جا حربا استعمال ڪرڻ سبب انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل جون پريشانيون وڌي ويون آهن.
ذريعن موجب، ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان گروپ ميچن سميت ناڪ آئوٽ مرحلي جي ميچن واري معاهدي کي هوسٽ ايگريمينٽ جو حصو بڻائڻ تي قائم آهي.
ٻئي پاسي ٻه ڏينهن اڳ ڀارت جو ڪيس وڙهندڙ جئه شاهه هاڻي ڪرڪيٽ جي عالمي گورننگ باڊي جو سربراهه بڻجي ويو آهي ۽ چيمپيئنز ٽرافي وارو معاملو جئه شاهه لاءِ چئلينج بڻجي ويو آهي ڇو ته کيس ڀارتي حڪومت کي ڀائيواري معاهدي تي راضي ڪرڻو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته براڊ ڪاسٽرز ۽ ڪمرشل ڀائيوارن جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي، ۽ ايونٽ جي رٿابندي لاءِ براڊڪاسٽرز پنج ڊسمبر تي اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ ٽورنامينٽ جي شيڊيول تي هر صورت ۾ ويچاريو ويندو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته ڌريون ڪنهن به معاهدي جي صورت ۾ پنج ڊسمبر تائين شيڊيول جي اعلان لاءِ پرُاميد آهن.
You might also like