روم(ويب ڊيسڪ) اٽلي ميلان خلاف ميچ دوران فيورينٽينا جو مِڊ فيلڊر ايڊورڊ بووسيري جي طبعيت اوچتو بگڙجي وئي ۽ هو ميچ دوران ئي ميدان تي بيهوش ٿي ويو.
ميچ جي 16 هين منٽ دوران ايڊورڊ گرائونڊ ۾ ويهي رهيو ۽ پنهنجي جوتي جون ڪيهون ٻڌيون هو جيئن اُٿيو ته اوچتو کيس ڪجهه ٿي ويو ۽ هو بيهوش ٿي ويو، جنهن تي ميدان ۾ موجود ساٿي رانديگرن ترت طبي امداد لاءِ اشارو ڪيو.
فٽبالر کي ميدان ۾ ئي بنيادي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ اسٽريچر ذريعي ميدان ويجهو موجود ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو ويو.
ان کانپوءِ رانديگر مايوس چهرن سان ميدان ۾ واپس هليا ويا ۽ ميچ رد ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايڊورڊ کي فلورنس جي ڪريسي يونيورسٽي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو جتي سندس علاج جاري آهي.
You might also like