اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ بغاوت تي پي ٽي آءِ وارن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو رڳو هڪ ٽريلر هو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته رياست جي صبر کي نه آزمائڻ گهرجي، اسلام آباد تي چڙهائي بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿي، اسلام آباد ۾ انهن سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو رڳو هڪ ٽريلر هو، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي ته غلط فهمي اٿن.
هن چيو ته حڪومت کي گورنر راڄ جهڙا فيصلا ڪرڻ جو شوق ناهي پر اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي، اسان سياسي حڪومت آهيون ۽ اهڙو قدم نٿا کڻڻ چاهيون پر هيءَ آخري وارننگ آهي.
سندس چوڻ هو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور جا وارنٽ نڪتا هئا، حڪومت جون اکيون کليل آهن، ڏسي رهي آهي ته ڪهڙو اشتهاري ڪٿي لڪيل آهي.
You might also like