ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر جي اڳڪٿي ڪندي ڪراچي وارن کي خبردار ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڱاري ۽ اربع تي شهر ۾ تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، معمول کان تيز هوائون گهلڻ سبب گرمي پد گهٽجڻ ۽ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ موسم ٿڌي ٿيڻ لڳي آهي، شهر ۾ ڪوئيٽا جون هوائون داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون، جمعي کان گرمي پد وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته ڏينهن جو گرمي پد 30 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ، رات جو 16 کان 14 ڊگري جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like