پشاور (م ڊ) ڪرم ضلعي ۾ قبيلائي ويڙهه 11هين ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فائرنگ جي واقعن ۾ 130 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ 186 زخمي ٿي چڪا آهن. جهيڙي سبب پشاور، پاراچنار مک شاهراهه سميت اچ وڃ جا ٻيا رستا به بند آهن، مک شاهراهه ۽ پاڪ افغان خرلاچي بارڊر تي اچ وڃ معطل آهي. شاهراهن جي بندش سبب تيل، خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. پوليس انتظاميا موجب فورسز جا جٿا موجود آهن ۽ جنگ بندي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪرم جي صورتحال تي گرينڊ جرڳي لاءِ گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جي سياسي قيادت جي اڳواڻي ۾ ڪمشنر هائوس ڪوهاٽ پهتو. ڪمشنر هائوس ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن به مسئلي جو پهريون حل ڳالهيون آهن، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر امن لاءِ سڀ هڪ آهن، 5 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي. ان موقعي تي وفاقي وزير امير مقام ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته ڪي پي حڪومت ڪرم جي صورتحال تي ڌيان ڏئي، امن لاءِ پي ٽي آءِ سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار آهيون.