سنڌ جي ثقافت تي تنقيد برداشت نه ڪئي ويندي:نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته سنڌ  پاڪستان ٺاهيو ان لاءِ اسان کي سڀني قومن جي ثقافت جو احترام آهي پر سنڌ جي ثقافت تي تنقيد، سنڌ جي پاڻيءَ ۽ وحدت تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آچر ڏينهن سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته سنڌ کي پنهنجي 5 هزار سال پراڻي ثقافت تي فخر آهي ۽ سنڌ جي سرزمين هميشه محبت، امن ۽ رواداري جو درس ڏنو آهي. هن چيو ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان معاشري ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملي ٿي. هن چيو ته معاشري ۾ سياست ۾ عدم برداشت، تشدد ۽ ورهاست جي رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون جاري رهڻ گهرجن ته جيئن معاشري ۾ پنهنجائپ جي احساس کي هٿي ملي سگهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اِهو عزم ٿا ڪيون ته سنڌ جي ثقافت جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب تي تنقيد ڪندڙن کي هميشه وانگر منهن جي کائڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.