بدين واسين ” ڀوتارڪو نظام رد ڪري ڇڏيو“ ثقافتي ريلي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي عوام ڀوتارڪي نظام کي رد ڪري ڇڏيو. روزاني عوامي آواز جي سڏ تي عوام تي شهرين ڀوتارڪي نظام خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران  ٽقافتي ڏهاڙي تي ” ڀوتارڪو نظام نظام نامنظور“ جي سري هيٺ الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي جيڪا ايوان صحافت بدين پھتي. ريلي جي اڳواڻي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ضلعي رپورٽر رازق ڏنو کوسو، ھارون گوپانگ ڪئي. ريلي ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر سميت سمورن شھيد صحافين کي ڀيٽا ڏني ويئي. فشر فوڪ فورم اڳواڻ عمر ملاح، قاسم ٻچو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڀوتار سنڌ جي هر وسيلي تي ڪاريهر نانگ جيان ويٺل آھن. سنڌ جي درياء سميت جيڪا به سنڌ جي ملڪيت آھي ان کي لٽيو پيو وڃي اسان کي ڀوتارڪي نظام ڪجھ به نه ڏنو آھي جيڪو به سنڌ جي مالڪي جي ڳالھ ڪري ٿو ان کي ڀوتار مارائي ڇڏين ٿا پر سنڌ ۾ ڀوتارڪو نظام ۽ سوچ تڏھن ختم ٿيندي جڏھن اسان سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تي اچي ان ڀوتارڪي نظام خلاف  ھڪ آواز بڻجي بھينداسين. هنن چيو ته ڀوتارڪو نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي. ان ناسور جو علاج ڪٽ آھي ان ڪري ڀوتارن جي رستا روڪ ڪرڻي ڪرڻي پوندي. اڳوڻن چيو ته سنڌو تي ڌاڙا به ڀوتارن جي سياست آھي سنڌ جو پاڻي ختم ڪري سنڌ ۾ غلامي جو ڄار وڇايو پيو وڃي پر عوامي آواز اھيو ثابت ڪيو آھي ته ڀوتارڪو نظام سنڌ جي ھر طبقي لاء خطرناڪ ثابت ٿي رھيو آھي سنڌ جي سگهاري آواز کي دٻايو پيو وڃي شھيد نصرالله گڏاڻي جي شھادت به ڀوتارن جي چوڻ تي ٿي پر ھاڻي ڀوتار پنھنجن نالن مان ڀوتار ڪڍڻ جو سوچي رھيا آھن ثقافتي ريلي شھر جي مک روڊن تان ٿيندي ايوان صحافت و ٽ پھتي جتي ريلي تي گل نڇاور ڪيا ويا.  عوامي آواز مک ريلي ۾ دشمنن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيندي رھي سنڌ جا جوڌا عوامي آواز جو ڏنل نعرو ڀوتارڪو نظام نا منظور جا نعرا ھڻندا ريلي ۾ اڳيان اڳيان رھيا، ريلي ۾ جسقم اڳواڻ صابر راهمون، عوامي تحريڪ  جي سانول گوپانگ، پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين، ۔ گسٽا اڳواڻ ڪاشف قادر ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.