”ڀوتارڪو نظام قبول ناهي“دادو ۾ ثقافتي عيد تي ريليون

دادو(ڊ ر) “ ڀوتارڪو نظام نامنظور” دادو واسين عوامي آواز جي نعري هيٺ ثقافتي عيد ملهائي سنڌ جي شعور پاران ريليون ڪڍيون ويون، ڀوتارڪي نظام کان بيزاري جو اظهار ڪيو ويو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي مک تقريب دادو پريس ڪلب جي  صدر صابر علي ڀنڊ، جنرل سيڪريٽري غوث علي جهتيال جي ميزباني ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سريلي راڳين قومي گيت پيش ڪري هزارين ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جسقم، دادو عوامي فورم، ايس ٽي پي، ايس يو پي، سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن، جيئي سنڌ تحريڪ، شهيد شاجهان قريشي يادگار ڪاميٽي، پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي سميت واپارين، شهرين ثقافتي ريليون مک تقريب ۾ اچي گڏ ٿيون، جتي قومي عيد جا منظر پيش ٿي رهيا هئا، تقريب ۾ سنڌ جي راڳين ٻالڪ سنڌي، صنم ماروي، مهڪ ماروي، اعجاز منگي، غلام مصطفيٰ بروهي، مولائي منصور کوسو، عباس چانڊيو، خان محمد سولنگي ۽ ٻين فنڪارن سنڌ جي ثقافت تي قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، دادو عوامي فورم ۽ ايس يو پي پاران سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ درياهه ۾ دادو مورو پل وٽ گل نڇاور ڪيا جنهن جي قيادت عاشق علي زئنور، سجاد پنهور، رجب شاهاڻي، ظفر ڪوريجو، آفتاب پنهور، لالا رفيق زئنور، آصف جمالي لالا عبدالستار قريشي،  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن چيو ته ڀوتارن سنڌي قوم کي جڪڙي رکيو آهي ڀوتارڪي نظام سبب سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي شهيد نصرالله گڏاڻي به غريب عوام جي آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ ڀوتارڪي نظام جي ور چڙهي ويو، جڏهن ته مک ثقافتي تقريب جي ڪاروائي نامياري مذاحيا فنڪار رشيد چارڻ هلائي، ٻئي طرف ايس ايس پي ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي پاران ثقافتي ڏينهن تي ريلين ۽ پروگرامن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.