ٺٽو/ جنگشاھي (ڊ ر+پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان مڪلي کان جنگشاهي، رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاهه تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، راحيل ڀٽو، گھنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر غلام علي زئور، خالق گندرو، ايوب انڙ، رياض عباسي، ادريس پليجو، امان الله بروهي، اسلم سمون، الله بخش بلوچ، وزير بلوچ ۽ ٻين ڪئي. جنگشاهي ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي مزار تي ”سنڌوءَ دريا تي قبضو نامنظور“، ”ڪئنال سمورا نامنظور“ ”درياءَ تي ڌاڙو نامنظور“، ”ڌرتي تي ڌاڙو نامنظور“ جا زوردار نعرا ھنيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جو حڪمران طبقو سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪئنال اڏي سنڌ جو پاڻي سڪائڻ جي سازش پيو ڪري. سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب ۽ ثقافت کي ميسارڻ لاءِ سنڌو دريا جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياءَ جي تاريخي وهڪرن کي بحال ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. اڳواڻن چيو ته سرداري نظام سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جي نالي ۾ قبائلي سردارن جي نمائنده پارٽي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪري رهي آهي، سرداري نظام جي خاتمي کانسواءِ سنڌ جي ترقي ممڪن ناهي. هنن چيو ته صوفين جي سرزمين سنڌ کي انتهاپسندن جي حوالي ڪيو پيو وڃي. انتهاپسندي کي وڌائي سنڌ کان سنڌ جي رواداري ۽ ڀائيچاري واري ثقافت ڦرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.