ڪئنسر مان ڇوٽڪاري جي دعويٰ، سِڌو جي گهرواري کي 850 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر، ڪامينٽيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سِڌو جي گهرواري نوجوت ڪور کي مڙس جي خوراڪ جي مدد سان موذي مرض ڪئنسر مان ڇوٽڪاري جي دعويٰ تي 850 ڪروڙن جو قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نوجوت ڪور ڏانهن ڇتيس ڳڙهه سول سوسائيٽي طرفان قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو آهي جنهن ۾ کائنس سِڌو جي ڪئنسر مان ڇوٽڪاري لاءِ خوراڪ بابت ڪيل دعوائن تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.
نوٽيس ۾ نوجوت ڪور کان سڌو جي دعوائن جي دليل جو ثبوت گهريو ويو آهي، نوٽيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوت ڪور هڪ هفتي اندر سڍو جي دليل جو ثبوت پيش ڪري، ٻي صورت م ” ورغلائيندڙ“ دعويٰ لاءِ 850 ڪروڙ ڀارتي رپيا ادا ڪري، هرجاڻي جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ نوجوت ڪور خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
نوٽيس ۾ نوجوت ڪور کان پڇاڻو ڪيو وي وآهي ته ڇا هوءَ پنهنجي صحت لاءِ رڳو خوراڪ مثال طور نم جا پن، ليمي جو پاڻي، تلسي ۽ هيڊ استعمال ڪندي هئي يا هن ايلوپيٿڪ دوائون به استعمال ڪيون؟
نوٽيس جي متن موجب، سِڌو جي دعويٰ ماڻهن جي ذهن ۾ ايلوپيٿڪ دوائن ۽ علاج بابت ناڪاري تاثر پيدا ڪندي، اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئنسر جي مريضن کي دوا بدران خوراڪ ۽ ٽوٽڪن جي استعمال تي مجبور ڪندي جنهن سبب سندن زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي تنهنڪري هوءَ پنهنجي مڙس جي دعويٰ تي پنهنجو موقف واضح ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.