راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عدالتي حڪم کانپوءِ سينيئر صحافي مطيع الله جان کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ٿي.
پوليس هٿان گرفتار سينيئر صحافي مطيع الله جان کي آزادي ملي وئي، اڊيالا جيل اختيارين حڪم نامو پهچڻ کانپوءِ مطيع الله جان کي آزاد ڪيو، دهشتگردي روڪ عدالت منشيات ڪيس ۾ اڄ سندس ضمانت منظور ڪئي هئي.
عدالت 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، مطيع الله جان کي جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
You might also like