پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي وفاق جيڪڏهن گورنر راڄ لڳائڻ چاهي ٿو ته لڳائي مان ڇو روڪيندس.
پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاق سمجهي ٿو صوبي ۾ گورنر راڄ لڳڻ گهرجي ته لڳندو، وفاق جڏهن گورنر راڄ لڳائيندو ته مان ڇو انڪار ڪندس.
سندس موجب علي امين حلف کنيو هو ته پي ٽي آءِ باني کي واپس وٺي ايندس، هو پاڻ واپس اچي ويو پر پي ٽي آءِ باني نه آيو.
هن چيو جڏهن به مرڪز ڪا ميٽنگ ڪندو آهي ته وڏو وزير سٺو ٻار بڻجي ويندو آهي، ميٽنگ اندر اصلي فلم هلندي آهي، ٻاهر اچي ري مڪس هلائي ڇڏيندا آهن.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جڏهن به ڪو وفد ايندو آهي ته اهي تماشو لڳائيندا آهن، ڪي پي ۾ استادن کي پگهارون نه پيون ملن، سڄو پيسو ڌرڻن تي لڳي رهيو آهي.
You might also like