دنيا جو هر وجود پنهنجي بقا جي لاءِ پنهنجو نسل جاري رکڻ جي عمل ۾ رڌل آهي، پر سائنسي حوالي سان انسانن جي وجود کي جينياتي طور ڪيترائي خطرا درپيش آهن جن جا ڪيترائي سبب آهن جن بابت ڪنهن ٻئي موضوع ۾ ٻڌايو ويندو، پر اڄ اسان هتي هڪ عام مسئلي بابت آگاهي ڏينداسين.
ملڪ ۾ غير معياري کاڌ خوراڪ، زندگي جي بي ترتيب ڪاروهنوار، ذهني پريشانين، موبائل اسڪرين جي گهڻي استعمال توڙي غلط جنسي لاڳاپن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو جنسي مسئلن جو شڪار بڻجي چڪا آهن، ايتري تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي اولاد جي نعمت کان محروم رهڻو پئجي وڃي ٿو.
اهڙي مسئلن جو شڪار ماڻهو شرمندگي کان بچڻ لاءِ مختلف طريقن جا علاج ڪندا آهن جيڪي انهن کي فائدن بدران نقصان به ڏئي سگهن ٿا، اڄ اسان جنسي مسئلن جو شڪار مردن لاءِ اهڙي پريشاني جو بهترين حل آندو آهي.
ڪو به مرد جيڪڏهن بي اولادي جي خوف ۾ مبتلا آهي يا انکي ڪو به جنسي مسئلو آهي ته انکي مهانگي ۽ خطرن سان ڀريل علاج جي استعمال بدران گهر ۾ موجود شين کان مدد وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجو علاج پَڪي خاطري سان گڏ پاڻ ڪرڻ گهرجي.
اڄ اسان اوهانکي اهڙيون يارهن گهريلو ۽ کاڌي جون شيون ٻڌائينداسين جن جو استعمال مرداڻي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام بهترين ثابت ٿيندو، جيڪڏهن توهان انهن مان ڪجهه يا سڀني جو استعمال ڪيو ته توهان ڪنهن به پريشاني بچي سگهو ٿا.
موري: موري هونئن ته معدي ۽ پيٽ جي مسئلن لاءِ به بهتر آهي پر ان جي ذائقي ۾ تيزي جنسي قوت ۾ واڌ جو سبب بڻبي آهي، موري جگر جي ڪم ڪار کي به بهتر رکي ٿي ته جيئن ڪوليسٽرول ۽ ٻين ڪيميائي مادن جي نيڪالي مناسب انداز ۽ طريقي سان ٿيندي رهي جيڪو پڻ اهڙي مسئلي کان بچڻ لاءِ بهترين عمل آهي.
سلاد جا پن: سلاد جا پَن جسم ۾ موجود ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽ ڪندا آهن ۽ رت جي وهڪرن کي بهتر ڪن ٿا، جنهن عمل سان جسم جي هر عضوي ۾ مضبوطي ايندي آهي جيڪا جنسي لاڳاپان لاءِ به بهتر ثابت ٿئي ٿي.
ڦودنو: ڦودني کي جيڪڏهن جنسي مسئلن جي حلَ واري علاج طور استعمال ڪجي ته غلط نه هوندو، اهو ڦودنو عورتن توڙي مردن ٻنهي ۾ جنسي مسئلن کي حل ڪرڻ جون هڪ جيتريون ۽ بهترين صلاحيتون رکندو آهي. ڦودنو خاص طور تي مرداڻي ڪمزوري کي ختم ڪرڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڳاڙها مرچ: ڳاڙهي مرچن ۾ وٽامن سي جو ججهو مقدار هوندو آهي، اهي رت جي وهڪرن ۾ واڌ جو سبب به بڻبا آهن. انهن ۾ هڪ ڪيپساسين نالي ڪيميڪل موجود هوندو آهي جيڪو جنسي صلاحيتن کي بهتر ڪندو آهي ۽ جنسي صلاحيتون پيدا ڪندو آهي.
ڪارا مرچ: ڪاري مرچن جا به صحت لاءِ تمام گهڻا آهن جيڪي اسان جي ويب سائيٽ سرچ ڪري پڙهي سگهجن ٿا. انهن سان گڏ ڪاري مرچن ۾ جنسي خواهش وڌائڻ جون به صلاحيتون هونديون آهن، اهي قدرتي طور معدي کي صحيح ڪندا آهن ۽ جنسي لاڳاپن جي خواهشن کي وڌائن ٿا.
سنڍُ ۽ وڏف: سنڍُ ۽ وڏفن جو استعمال جنسي طاقت جي لاءِ ايترو به فوري ۽ بهترين آهي جو انکي جنسي طاقت واري دوا وياگرا سان جوڙيو وڃي ٿو، صحت جا ماهر چون ٿا ته اهي ٻئي شيون قدرتي وياگرا آهن. سنڍ ۽ وڏف ثوري مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان ئي جسم ۾ جنسي گرمي پيدا ٿي ويندي آهي پر انهن جو گهڻو استعمال بواسير جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
بصر: بصرن جو ذائقو به تيز هجڻ ڪري معدي مان تيزابيت ۽ ٻين زهريلي جراثيمن کي ڪڍڻ جو ڪم ڪندو آهي جيڪو جنسي مسئلن جي حل لاءِ بهتر ثابت ٿئي ٿو، بصر لڳ ڀڳ ٽيهه تهن تي مشتمل آهن جيڪي رت جي وهڪرن کي به بهتر بڻائيندا آهن ۽ جنسي وظيفي ۾ وڏا مددگار ثابت ٿين ٿا.
ٿوم: ٿوم ۾ به بصرن جهڙيون خاصيتون هونديون آهن، اها جسم جي ڪوليسٽرول کي گهٽائي ٿي جنهن جا ٻيا ته ڪيترائي فائدا آهن پر جنسي لاڳاپن جون خواهشون تيز ٿين ٿيون ۽ رت جا وهڪرا بهتر هجڻ جي ڪري جنسي لاڳاپا بهتر رهن ٿا.
ننڍا ڦوٽا: ننڍي فوٽن ۾ ٻه اهڙا مرداڻا هارمونز ٺاهڻ وارا ڪيميڪل آهن جيڪي ڪمزور کان ڪمزور ماڻهن ۾ به جنسي خواهشون پيدا ڪندا آهن ۽ اهي خواهشون مڪمل ڪرڻ جي طاقت فراهم ڪن ٿا، انهن ۾ موجود جو سينيول مک اعصابي نظام کي بهتر ڪندو آهي.
وڏف: رڳو وڏفن جو لڳاتار استعمال ئي جنسي خواهشن کي بيدار ڪندو آهي ۽ جسم ۾ جنسي طاقت جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو.
مڇي يا السي جو تيل: اوميگا ٿري سڻڀي تيزاب جي ڪري رت ۾ خراب ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته اهي به جنسي احساسن تي ڪا به کوٽ ٿيڻ ناهن ڏيندا.
ڄاڻايل يارهن شيون جنسي مسئلن جي قدرتي حل آهن، جيڪڏهن انهن جو مختلف وقتن ۾ لڳاتار نموني سان استعمال ڪجي ته بي اولادي جي خوف ۽ خطرن کان بچي سگهجي ٿو، ان سان گڏ ان مسئلي جي حَل لاءِ بي يقيني واري صورتحال ۽ خطرناڪ دوائن کان به بچي سگهجي ٿو. جڏهن ڄاڻايل شين مان ڪنهن به هڪ ۾ ڪو به نقصان به موجود ناهي.