عوام لاءِ خوشخبري، بجلي وڌيڪ سستي ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وزير اويس لغاري اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ پي پيز سان نظرثاني معاهدن کانپوءِ بجلي 5 رپين تائين وڌيڪ سستي هوندي.
ايف پي سي سي آءِ کي بجلي سهولت پيڪيج تي بريفنگ ڏيندي اويس لغاري چيو ته اسان معاهدن تي قائم آهيون پر آءِ پي پيز سان مشاورت سان معاهدا تبديل ڪنداسين.
هن چيو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ٿي چڪا ۽ 11 سان ڳالهيون جاري آهن، بيگاس جي پاور پلانٽن سان به معاهدو ٿي چڪو آهي.
سندس موجب آءِ پي پيز کي ٻڌايو ته ايتري مهانگي بجلي پيدا ڪئي وئي ته ڪير وٺندو؟ زراعت تي به هاڻ 45 سيڪڙو ٽيڪس لڳي ويو آهي، هاڻ اسان به ٽيڪس ۾ حصو وجهنداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.