چيمپيئنز ٽرافي بابت فيصلو ملڪ ۽ ڪرڪيٽ جي فتح جو سبب بڻجندو: محسن نقوي

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته اهڙو ڪجهه ڪنداسين جنهن سان ملڪ ۽ ڪرڪيٽ جي فتح ٿئي.
دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته اهڙو فيصلو ٿيندو جو آءِ سي سي جا ايندڙ ايونٽس به ان ئي فارمولي تحت ٿيندا.
سندس چوڻ هوته هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ نه ڏينداسين، فتح ڪرڪيٽ جي ٿيندي، فيصلا برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڀارت وڃو ۽ هو پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪندا رهن، هاڻي ايئن نه ٿيندو.
محسن نقوي چيو ته لانگ ٽرم پاليسي تحت ڳالهيون ڪيون وينديون، فيصلو رڳو چيمپيئنز ٽرافي تائين محدود نه هوندو، ڊگهي مدت لاءِ ٽورنامينٽس جو فارمولو طئي ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.