رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان کي هاڻ ٽرمپ هلائيندو، ٽرمپ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائيندو، توبهه توبهه.
صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي خبر ناهي پر جيڪو ڪجهه اسلام آباد ۾ ٿيو اهو سٺو نه ٿيو، مذمت ڪيان ٿو.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جون حامي ناهيان، اهڙيون حالتون ناهن جو گورنر راڄ لڳي، ڪنهن پارٽي تي پابندي جي حق ۾ به ناهيان.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو فيصلو عدالت ڪندي، نجومي ناهيان جو ٻڌائي سگهان ته حڪومت ڪيتري دير تائين هلندي.
You might also like