ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت گورنر راڄ يا ڪنهن سياسي جماعت تي پابندي جو اسان کان ناهي پڇيو، پ پ سامهون موقف رکيو وڃي ته ڪوشش ڪنداسين اتفاق راءِ سان فيصلو ٿئي پر ڪنهن به صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ جماعت تي پابندي جو حامي ناهيان.
پ پ جي 57هين يوم تاسيس تي جلسن کي آن لائن خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن نسلن جي جدوجهد کانپوءِ اڄ پ پ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي، پ پ جي جدوجهد عوام جي سامهون آهي، اسان جو سفر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شروع ٿيو، جنهن نه رڳو جمهوريت جو بنياد رکيو پر پهريون گڏيل اسلامي، جمهوري، وفاقي آئين ڏنو.
هن چيو ٻڌو آهي ته حڪومت جا ماڻهو گورنر راڄ يا ڪنهن سياسي جماعت تي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهيا آهن، حڪومت ان حوالي سان اسان کان ناهي پڇيو، پ پ سامهون موقف رکيو ويو ته ڪوشش ڪنداسين اتفاق راءِ سان فيصلو ٿئي، اپوزيشن ۽ حڪومت هن وقت ڪو فرق نه هجڻ گهرجي، مان ڪنهن به صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ جماعت تي پابندي جو حامي ناهيان.
سندس چوڻ هو افسوس ته دهشتگردي جي معاملي تي به سياست ڪئي پئي وڃي، اسان ماضي ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ ان کي شڪست ڏني، ڪي پي حڪومت امن قائم ڪري، ضرورت پوڻ تي وفاق کان مدد وٺي، مان پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي غير ذميوار حڪومت ناهي ڏٺي، جيڪڏهن پنهنجي باني کي جيل مان ڪڍڻو اٿَو ته حڪومت ڇڏي ان ڪم تي لڳي وڃو، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي حق ناهي ته لشڪر سان حملو ڪري، سياسي جماعتون سياست جي دائري ۾ رهي سياست نه پيون ڪن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو پ پ جو مطالبو آهي ته دهشتگردي خلاف هڪ نئون پلان آڻجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي،
ڪنهن صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ جماعت تي پابندي جو حامي ناهيان: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like