پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو: ڀارتي ميڊيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي هائبرڊ ماڊل تي مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل تي مشروط طور تي راضي ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، پاڪستان جي شرط آهي ته مستقبل ۾ ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ايونٽس ۾ پاڪستان لاءِ به هائبرڊ ماڊل هوندو، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ۾ نه کيڏندو ته پاڪستان لاءِ به ساڳيو ئي فارمولو هئڻ گهرجي.
پي سي بي جو شرط آهي ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ نه پهتو ته اِهي ميچون پاڪستان ۾ ئي ٿينديون، گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) ۾ ٿيندڙ ميچن جي گيٽ مني مان اماراتي بورڊ پي سي بي کي حصو ڏيندو.
رپورٽ موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني، وينيو ۽ شيڊيول بابت هڪ ٻن ڏينهن اندر حمتي فيصلي جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.