خيبرپختونخواهه ۾گورنر راڄ جو مشورو نه ڏيندس: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن کي به گورنر راڄ لڳائڻ جو مشورو نه ڏيندس پر پي ٽي آءِ اخلاقي طور تي پنهنجو اهو  اختيار وڃائي چڪي آهي ته هو خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت جاري رکي.شرجيل ميمڻ احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته بشريٰ بي بي ڪنٽينر تي  چڙهي چوندي رهي ته پي ٽي آءِ باني کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ کان سواءِ هتان نه ويندس پر جيئن ئي آپريشن شروع ٿيو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين سڀني کان پهريان فرار ٿيا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته احتجاج جي دوران جيڪو ڪجهه به ٿيو انهي ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ڪي پي حڪومت ۽ بشريٰ بي بي جو ڪردار ڪارن اکرن ۾ لکيو ويندو. بشريٰ بي بي منفي سياست ۾ پي ٽي آءِ باني کي به پوئتي ڇڏي ڏنو. شرجيل ميمڻ چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته عدالتن مان رليف وٺڻ جي بجاءِ اوهان حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪريو، اسان به عدالتن کي منهن ڏنو، اوهان به ڪريو ۽ عدالتن مان ئي رليف وٺو.هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ وڌو ويو، ڇا ڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير تولن جي شڪل ۾ انهي کي ڇڏائڻ لاءِ ويو؟ اسان لانگ مارچ ڪيا. پر ڪوبه نقصان نه ڪيو، پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت تشدد ڪيو پر اسان رياست تي حملو نه ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف  خراب پارٽي نه هئي پي ٽي آءِ باني انهي کي خراب ڪيو. وفاقي حڪومت علائقو ڪليئر ڪرائي سٺو ڪم ڪيو آهي، اهو ملڪ جو معاملو آهي ڪنهن هڪ پارٽي جو نه آهي. پرڏيهي وفدن جي موجودگي ۾ ملڪ جي باري ۾ ڪهڙو پيغام ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.