پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ۾ ٻه ٻه لاش آندا ويا

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران مارجي ويلن ۽ زخمين جي لسٽ سامهون اچي وئي آهي. پولي ڪلينڪ اسپتال جي اختيارين موجب پولي ڪلينڪ ۾ 2 لاش ۽ 26 زخمين کي آندو ويو آهي. پولي ڪلينڪ کڻي آيل سمورن ماڻهن کي گوليون لڳل آهن.  زخمين ۾ اڪثريت جو تعلق خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن سان آهي. پولي ڪلينڪ اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي زخمين جي انگ بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. پمز اسپتال اسلام آباد جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 28 زخمي شهري ۽ 2 لاش اسپتال پهچايا ويا، 27 زخمي ايف سي اهلڪارن کي پمز اسپتال آندو ويو، 3 شهيد رينجرز اهلڪارن جا لاش پڻ پمز اسپتال پهچايا ويا. پمز اسپتال اسلام آباد جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 28 زخمي شهري ۽ 2 لاش اسپتال پهچايا ويا، 27 زخمي ايف سي اهلڪارن کي پمز اسپتال آندو ويو، 3 شهيد رينجرز اهلڪارن جا لاش پڻ پمز اسپتال پهچايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.