اسلام آباد(م ڊ) 24 نومبر جي فائنل ڪال لاءِ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن پاران سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پر پاڻ منظر تان غائب ٿي ويا، انفارميشن سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم پيغام جاري ڪيو ته خان صاحب جي سڏ آهي گهرن مان ٻاهر نڪرو، پر هو پاڻ خان جي سڏ تي نه نڪتو،آخري موقعو به ضايع ڪري ڇڏيائين، حماد اظهر سوشل ميڊيا تي 2 درياهه پار ڪيا پر ڊي چوڪ پهچي نه سگهيو، اڳوڻو صدر عارف علوي به سوشل ميڊيا تي شاعري ذريعي رت گرمائيندو رهيو ۽ تيمور جهڳڙا سان گڏ ٻاهر نڪتو پر ڊي چوڪ تي نه پهچي سگهيو، سلمان اڪرم راجا لاهور جي گهٽين ۾ اڪيلو گهمي ڦري وقت ضايع ڪيو پر ڊي چوڪ تي نه پهتو.