ڊسمبر کان پوءِ افغان شهري بنا اين اوسي اسلام آباد نه رهندو: محسن نقوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 31 ڊسمبر کان پوءِ افغان شهري بنا اين او سي جي اسلام آباد ۾ نٿا رهي سگهن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن افغان شهري کي اسلام آباد ۾ رهڻو آهي ته انهي کي  ڊي سي آفيس مان اين او سي وٺڻي پوندي، 31 ڊسمبر کان پوءِ افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ نٿا رهي سگهن. هن چيو ته هڪ ئي ترجيح آهي ته زندگي معمول تي اچي وڃي، جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون رهجي ويون آهن اهي شام تائين روٽين تي اچي وينديون. گهرو وزير چيو ته ڪنهن به پوليس واري وٽ هٿيار نه هو. پروپيگنڊا ڪئي وئي ته 33 لاش هڪ اسپتال ۾ آهن. هنن کي پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جو ڪوبه طريقو نه پيو ملي. مان ته مظاهرين کان پڇي رهيو آهيان ته اوهان جو ڪهڙو ماڻهو  مارجي ويو آهي انهي جو نالو ٻڌائي ڇڏيو. اسان هاءِ ڪورٽ ۾ مظاهرين جي حوالي سان گڏيل رپورٽ جمع ڪرائينداسين. انهي کان پوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي  رينجرز پنجاب ميجر جنرل محمد عاطف بن اڪرم پمز اسپتال جو دورو ڪيو جتي انهن شرپسندن جي حملي ۾ زخمي رينجرز، ايف سي ۽ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب هڪ هڪ زخمي آفيسر ۽ جوانن وٽ ويا ۽ انهن جي خيريت پڇا ڪئي ۽ انهن جي بلند حوصلن جي تعريف ڪئي. هنن زخمين سان ڳالهين ۾ چيو ته اوهان قوم جا هيرو آهيو اوهان شرپسندن جا ناپاڪ ارادارا ناڪام بنايا. صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪالهه جڏهن کان فرار ٿي ويا آهن تڏهن کان پروپيگنڊا شروع ٿي ويا آهن ته 33 لاش اسپتال ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو مري ويو آهي ته ان جو نالو ٻڌايو ته ڪنهن اسپتال ۾ لاش موجود نه هو، جنهن کي قتل ڪيو ويوهجي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.