افغانين سميت 900 مظاهرين گرفتار ۽ 200 گاڏيون ضبط ڪيون: آءِ جي اسلام آباد

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران افغانين سميت 900 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، 200 گاڏيون ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي. چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته احتجاج ۽ دهشتگردي الڳ شيون آهن، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. هي ڪهڙو احتجاج هو، سيڪيورٽي اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، ان احتجاج ۾ هر قسم جا هٿيار استعمال ڪيا ويا. اسلام آباد جي چيف ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مظاهرين ۾ افغان شهري به شامل هئا، عدالت سنگجاني کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر شرپسندن بليو ايريا ۽ ريڊ زون ۾ اچڻ تي ضد ڪيو، اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ گرين بيلٽس کي تباهه ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.