ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي جا گرفتاري وارنٽ جاري

ميرپور خاص ( بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ مفرور جوابدار اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سنڌڙي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان مٿانهان  قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران بئريسٽر اسدالله راشدي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ 3 ايف آءِ آر داخل آهن، ان تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هاڻي فيصلو ٿيڻو آهي ته ڪهڙي ايف آءِ آر داخل ٿيندي ۽ ڪهڙي رد ڪئي ويندي، جنهن تي بئريسٽر اسدالله راشدي چيو ته ان معاملي جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ ۾ آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت فرار جوابدارن، اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي  ۽ ايس ايس پي اسد چوڌري  جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.