دبئي (ويب ڊيسڪ ) افغانستان انڊر 19 ٽرائنگولر سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي جي آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ کيڏيل فائنل مقابلي ۾ افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 250 رنسون ٺاهيون.
برڪت الله 79 ۽ نازيف الله 56 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ٻنهي رانديگرن ميچ ۾ 130 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
پاڪستان جي علي رضا ۽ عبدالسبحان 3، 3 وڪيٽون ورتيون.
افغانستان جي 251 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پوري پاڪستاني ٽيم 48 هين اوور ۾ 229 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.
واضح رهي ته انڊر 19 ٽرائنگولر سيريز ۾ پاڪستان ۽ افغانستان کانسواءِ گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) جي ٽيم شامل هئي.
You might also like