نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪنوار گهوٽ جي پرائيويٽ نوڪري هجڻ جو علم ٿيڻ تي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي رياست اتر پرديش جي فرخ آباد ضلعي ۾ ڪنوار پنهنجي شادي ان وقت روڪي ڇڏي، جڏهن کيس خبر پئي ته گهوٽ سرڪاري ملازمت نه پر پرائيويٽ نوڪري ڪندو آهي.
ڪنوار جي گهر ڀاتين شادي ڇتيس ڳڙهه جي بلرام پور جي انجنيئر سان طئي ڪئي هئي، ٽياڪڙ کين آگاهه ڪيو هو ته گهوٽ هڪ سرڪاري انجنيئر آهي.
شادي تقريب جاري هئي ته ڪنوار کي خبر پئي گهوٽ سرڪاري نوڪري ناهي ڪندو پر پرائيويٽ نوڪري ڪندو آهي، جنهن تي هن رسمن جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جڏهن ڪنوار کان سبب پڇيو ويو ته هن وضاحت ڪئي ته مون کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته گهوٽ کي سرڪاري نوڪري هوندي.
ان موقعي تي گهوٽيتن طرفان گهوٽ جي پگهار جي سلپ ڪنواريتن کي ڏيکاري وئي، جنهن ۾ گهوٽ جي پگهار هڪ لک 20 هزار رپيا هجڻ جو انڪشاف ٿيو پر ان باوجود ڪنوار شادي نه ڪرڻ جي فيصلي تي قائم رهي.
ان موقعي تي ٻنهي خاندانن شادي جا خرچ پاڻ ۾ طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مالي معاهدي کانپوءِ گهوٽ بنا ڪنوار جي واپس هليو ويو.
You might also like