بشريٰ بي بي عمران خان کان به ٻه قدم اڳتي نڪتي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو احتجاج 9 مئي کان گهٽ نه هو، اهم موقعي تي اهڙي قسم جو سڏ ڏيڻ سٺي روايت ناهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي، بيلاروس جو صدر وفد سميت پاڪستان آيو، چين جو وفد به آيو، اهم موقعن تي پي ٽي آءِ طرفان ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ان افسوسناڪ قدمن ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير احتجاج کي ليڊ ڪيو، ڪي پي جي سڄي مشينري استعمال ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته پوليس کي يرغمال بڻايو ويو، تشدد ڪيو ويو، جوانن کي شهيد ڪيو ويو، وفاقي حڪومت صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي لاشن واري خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني.
شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو هو منهنجي گهرواري غير سياسي آهي، هوءَ ته تمام گهڻي سياسي نڪتي، هوءَ پي ٽي آءِ باني کان به ٻه قدم اڳتي نڪتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.