چنائي(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي ٻن مشهور ستارن، ڌنش ۽ نينٿارا وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ڌنش مدراس هاءِ ڪورٽ ۾ نينٿارا، سندس مڙس وگنيش شيون ۽ سندس پروڊڪشن ڪمپني روڊي پڪچرز پرائيويٽ لميٽڊ خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.
اداڪار درخواست ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته نيٽ فلڪس جي تازو رليز ٿيل دستاويزي فلم ” نينٿارا: بيونڊ دي فيري ٽيل “ ۾ سندس پروڊڪشن فلم ” نانم روڊي ڌن “ جا منظر بنا اجازت شامل ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ ڌنش جي پروڊڪشن ڪمپني نيٽ فلڪس جي مواد جي ڀارت ۾ سيڙپڪار ڪمپني لاس گيٽوس پروڊڪشن سروسز انڊيا ايل ايل پي خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي، جيڪا مدارس هاءِ ڪورٽ منظور ڪري ورتي.
ڌنش نينٿارا کي گذريل هفتي هڪ قانوني نوٽيس ذريعي چويهه ڪلاڪن اندر مواد هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو، نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن مواد نه هٽايو ويو ته هو 10 ڪروڙ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪندو.
نينٿارا، ڌنش جي اهڙي عمل کي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو. اداڪارا شاهه رخ خان، چرنجيوري ۽ رام چرن سميت ٻين فلمسازن جا ٿورا مڃيا جن دستاويزي فلم لاءِ منظر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني.
You might also like