9 مئي ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت جي درخواستن تي وڏو فيصلو اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت خارج ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاهور جي ايڊمن جج منظر علي گل 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت سڀني 8 ڪيسن ۾ عمران خان جون ضمانتون خارج ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.
ان کان اڳ پراسيڪيوشن ۽ جوابدار جي وڪيل ضمانتن تي دليل مڪمل ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.