هاڻ ڏڦيڙين ۽ ملڪ دشمنن کي وڌيڪ موقعو نه ڏنو ويندو: وزيراعظم

اسلام آبد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سٺي حڪمت عملي سان ڌرڻي جو خاتمو ڪيو ويو ۽ عوام کي سڪون مليو، اهي ڏڦيڙي ۽ ترقي جا دشمن آهن، اڄ کانپوءِ کين موقعو نه ڏنو ويندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ويو، احتجاج سبب ماڻهن تڪليف کي منهن ڏنو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سخت فيصلا ڪيون، ڇو ته ملڪي ترقي، خوشحالي کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن روز جنگ جو ميدان لڳندو ته اسان بحالي ڏانهن وينداسين يا وري رڳو انهن تي پنهنجي توانائي خرچ ڪنداسين، هاڻ قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته احتجاج جي سياست جاري رکڻي آهي يا ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن 9 مئي جي جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ها ته هي ڏينهن نه ڏسون ها، هاڻ ڏڦيڙن ۽ ملڪ دشمنن کي وڌيڪ موقعو نه ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.