بلاويو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽِين ۽ فيصلائتي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو فيصلائتو دنگل سڀاڻي ٿيندو، ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند ساڍي ٻارنهين وڳي شروع ٿيندي.
فاسٽ بالر احمد دانيال ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جي انجري جو شڪار ٿي سيريز مان ٻاهر ٿي چڪا آهن، سندن جاءِ تي عباس آفريدي ۽ جهانداد خان کي قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ٻي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ زمبابوي کي ڏهه وڪيٽن تان مات ڏني هئي، جڏهن ته پهرين ون ڊي پاڪستان کي زمبابوي هٿان ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت 80 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.