واٽس ايپ ۾ هڪ ڪارائتي فيچر جو واڌارو ڪيو پيووڃي جنهن ذريعي فارورڊ پيغامن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
نئين فيچر جي مدد سان واهپيدار فاروڊنگ ٽيڪسٽ، تصويرن، وڊيوز، ڊاڪيومينٽس يا لنڪس تي ڪاسٽيوم ميسجز شيئر ڪري سگهندا.
ويب بيٽا انگو جي رپورٽ موجب، نئون فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ جاري ڪيل نئين بيٽا ورزن ۾ نظر آيو آهي.
ان کان اڳ به واهپيدار تصويرن يا وڊيوز کي فارورڊ ڪندي ميسج به شامل ڪري سگهندا هئا، پر هاڻي صارفين ڪنهن به قسم جي فارورڊ مواد سان گڏ ذاتي پيغام يا وضاحتي نوٽ لکي سگهن ٿا.
مثال طور جيڪڏهن هڪ صارف ڪنهن نيوز آرٽيڪل لنڪ فارورڊ ڪندو ته هو ان سان گڏ پنهنجن خيالن، سمريز يا ٻيو ٽيڪسٽ مواد به شامل ڪري سگهندو، جنهن بعد فالو اپ پيغام جي ضرورت نه رهندي.
اهڙي ريت جڏهن ڪنهن ٽيڪسٽ پيغام کي فارورڊ ڪيو ويندو ته واهپيدار ان ۾ واڌو تفصيل يا هدايتون شامل ڪري سگهندا.
جيئن ته مٿي لکي چڪا آهيون ته في الحال هي فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اِهو ڪيستائين سمورن واهپيدرن لاءِ دستياب هوندو.
You might also like