ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس حڪومت جي ان عزم کي ورجايو آهي ته سنڌ پوليس کي هڪ مضبوط ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل فورس ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي حفاظت کي وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي عوام ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اعتماد پيدا ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ASPs) جي 51 هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام ۽ 27 هين شروعاتي ڪمانڊ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. وڏي وزير موجب ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ سنڌ پوليس جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي 2 ارب 7 ڪروڙ رپيا، اسپيشل برانچ کي هڪ ارب 2 ڪروڙ رپيا ۽ انويسٽيگيشن برانچ کي 60 ڪروڙ رپيا جاچ خرچن لاءِ مليا آهن،پوليس اسٽيشنن لاءِ اٽڪل 6 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته شهيد پيڪيج تي عمل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ معاوضو 10 ملين مان وڌائي 23 ملين رپيا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سندس حڪومت پوليس آفيسرن، پراسيڪيوٽرن ۽ ججن لاءِ تربيتي پروگرامن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن قانونن ۽ پاليسين تي موثر عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. جاري سڌارن ۽ سيڙپڪاري سان سنڌ پوليس پاڪستان ۾ هڪ ماڊل قانون لاڳو ڪندڙ ادارو بڻجي رهيو آهي.